loader image

ماڊيول 3 – حساب

TCF Admin · June 9, 2025

ڪورس جو مختصر تعارف


هن ماڊيول ۾ اسان نه رڳو اڳ سکيل تصورن کي ورجائي وڌيڪ گہرائي سان سمجهنداسين، پر ڪجهه نون ۽ اهم تصورن سان به واقف ٿينداسين — جيڪي ٻارن جي روزمره زندگي ۾ معاشي سمجھداري ۽ منطقي سوچ جي بنياد بڻجندا.
اهي سڀ تصورات ٻارن کي زندگيءَ جا اهم فيصلا ڪرڻ، مالي معاملن کي سمجهڻ، معلومات پڙهڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ مدد ڏيندا.

اچو ته ڏسون ته ماڊيول 3 جي آخر تائين اسين ڇا سکي چڪا هونداسين

سکيا جا نتيجا

هن ٽريننگ ۾ استاد هي سکندا ته ڪيئن پڙهائڻو آهي

انگ 501 کان 1000 تائين لکڻ ۽ پڙهڻ، ۽ 31 کان 50 تائين انگن کي لفظن ۾ لکڻ
رانديڪن ۽ شين جي ڀيٽ ذريعي ٻارن کي روزمره مسئلا حل ڪرڻ سيکارڻ
بجيٽ، آمدني، خرچ، بچت، نفعي ۽ نقصان جهڙا مالي تصورات سادي مثالن سان سمجهائڻ
جيوميٽري جي نون تصورن ۽ ماپ جي موضوعن، جيئن ته ايراضي ۽ احاطي، سان واقفيت
معلومات جو تجزيو ڪرڻ، ٽيبل ۽ بار گراف جي ذريعي معلومات کي ظاهر ڪرڻ
وقت جي منظم استعمال ۽ تخمينن ذريعي ٻارن کي وقت جي اهميت سيکارڻ
امڪان جو تصور دلچسپ سرگرمين ذريعي سمجهائڻ

استاد بابت

محمد شعيب پنهنجي شروعاتي تعليم “دي سٽيزن فائونڊيشن” جي اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي، ۽ هاڻي هڪ نجي يونيورسٽي مان کاتي داري (حساب ڪتاب) جي تعليم مڪمل ڪري رهيو آهي. شعيب قوم جي بھتريءَ جو جذبو دل ۾ رکي ٿو ۽ سجاڳ جي مشن تي پختو يقين به رکي ٿو. انهيءَ ئي سبب جي ڪري هواستادن جي تربيت جي پروگرام ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

Course Content

Expand All
2 of 7

About Instructor

TCF Admin

7 Courses

Not Enrolled
This course is currently closed

Course Includes

  • 134 Lessons
  • 87 Quizzes