loader image

ماڊيول 1 _سنڌي

TCF Admin · March 13, 2025

 مختصر تعارف

اسان اوهان کي “سجاڳ سنڌي ماڊيول 1” ۾ دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔
اوهان اهي محسن آهيو جيڪي علم جي روشني انهن ٻارن تائين پهچائين ٿا، جن وٽ سکڻ جا موقعا محدود آهن۔ هي ڪورس اوهان جهڙن پرعزم استادن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪي غير رسمي تعليمي نظام تحت اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ خواندگي سيکارڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ رهن ٿا۔

هي پروگرام ٽن ماڊيولن تي مشتمل آهي، ۽ هي ڪورس ماڊيول 1 لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ته جيئن استاد ماڊيول 1 جي لٽريسي ورڪ بڪ کي اثرائتي طريقي سان پڙهائي سگهن ۽ شاگردن کي بهتر انداز سان سنڌي ٻولي سيکاري سگهن۔

ته اچو! هن تربيت جي سفر جي شروعات ڪريون، جتي هر قدم ٻارن جي مستقبل کي روشن ڪري ٿو

سکيا جا نتيجا

هن ٽريننگ جو مقصد آهي ته استاد اهڙيون صلاحيتون حاصل ڪن، جن جي مدد سان هو پڪ سان چئي سگهن ته سندن شاگرد

سنڌي اکرن جي پٽي جي آوازن ۽ بنيادي شڪلن کي سڃاڻي سگهندا ۽ انهن کي لفظن ۾ ڳولي سگهندا

پاڻ، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ڳوٺ بابت پنج سادا جملا ٻڌائي سگهندا

ڪهاڻين ۽ نظمن ۾ سڃاتل لفظ، بصري لفظ ۽ سادا جملا پڙهي سگهندا

سنڌي اکرن جي پٽي، بصري لفظ، پنهنجو نالو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو نالو لکي سگهندا

استاد بابت

حمزه علي، “دي سٽيزن فائونڊيشن” جي اسڪول ۽ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هن وقت هڪ نجي يونيورسٽي مان وڪالت جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔ حمزه علي جو واسطو هڪ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ گهراني سان آهي، ۽ هو تعليم جي اهميت ۽ معاشري ۾ ان جي ڪردار کان چڱيءَ ريت واقف آهن۔
انهيءَ ئي سبب جي ڪري هو “سجاڳ” جي مشن سان مڪمل سهڪار ڪن ٿا، ۽ هن تربيت ۾ انسٽرڪٽر جي حيثيت سان اسان سان گڏ آهن۔

Course Content

Expand All
LMS for M1 Lit (Sindhi) Instructional Videos translated
Unit-1
1 of 3

About Instructor

TCF Admin

6 Courses

Not Enrolled
This course is currently closed

Course Includes

  • 57 Lessons
  • 35 Quizzes